اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورنا وائرس جي صورتحال کي ڏسندي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر صوبن جي مشاورت سان لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ يا ??ڌا??ڻ جو فيصلو ڪندو، حالتون لائحه عمل کي ??دلائي سگهن ٿيون، جيڪڏهن ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ شدت پيدا ٿئي ٿي ته ان کان به وڌيڪ سخت هدايتون لاڳو ڪرڻيون پونديون، 14 اپريل کان پهرين آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. ميڊيا ب??يف??گ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام جي سلامتي ۽ تحفظ اولين ترجيح آهي?? ڪورونا وائرس جي جيڪا صورتحال هلي رهي آهي ان کي نظر ۾ رکندي ماهرن جي ٽيم ڪم ڪري رهي آهي.