اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان ڪرونا وائرس جي خلاف جنگ ڪندڙ ڊاڪٽرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ پوري قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڊاڪٽرن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، پاڪس??ان ۾ اها وبا ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ پکڙ?? ۽ ??وتگين جي شرح پڻ تمام گهٽ آهي، ماضي ۾ صحت جي شعبي کي نظرانداز ڪي?? ويو جڏهن ته هاڻي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنٽونمينٽ جنرل اسپتال راولپنڊي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.