اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ جو سختي سان نوٽيس وٺندي ملاوٽ جي خلاف ايمرجنسي لاڳو ڪري نيشنل ايڪشن پلان هڪ هفتي ۾ جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙ ??سا?? جي عوام ۽ خاص طور تي ??سا?? جي ٻارن جي ص??ت ۽ زندگين سان کيڏي رهيا ??هن جنهن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، هن هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ ضرورت جي شين مثال طور ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻ??ن فصلن جي طلب ۽ پهچ جي ڪاٿن ۽ طلب ۽ پهچ ??ي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي جي لاءِ قائم ڪيل خصوصي سيل قائم ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن جي جائزي، پرائس ڪنٽرول، ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ ملاوٽ جي روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس دوران ڪيو.