اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي 7 ارب رليف پئڪيج تحت سڄي ملڪ جي يوٽيلٽي ??سٽورز تي اڄ اربع کان کنڊ، دالين، چانور ۽ گيهه سميت ٻين ضرورت جي شين تي 7 رپين کان 40 رپين تائين جي سبسڊي ڏني ويندي، پئڪيج تحت سستي ضرورت جي شين جي فراهمي تي يوٽيلٽي ??سٽورز ٻاهران ڊگهيون ??طارون ??ڳنديون، يوٽيلٽي ??سٽورز تان شيون خريد ڪندڙن جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر داخل ڪيو ويندو، هڪ مهيني ۾ ماهوار راشن هڪ ئي ڀيرو حاصل ڪري سگهبو، يوٽيلٽي ??سٽورز ڪارپور??شن مارچ جي لاءِ 5 ارب جي خريداري مڪمل ڪري ورتي، پاسڪو کان 2 لک ڪڻڪ سستي اگهن تي حاصل ڪئي وئي آهي، ويجهي مستق??ل ۾ رليف پئڪيج تحت 50 ملين غريب، بي سهارا، لاچار خاندانن کي راشن ڪارڊ ڏنا ويندا، مستحق، لاچار ۽ پيڙهيل ڪمزور طبقن جي زندگي کي خوشحال بڻائڻ ۽ انهن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جو نصب العين، حڪومت جي ڪمٽمينٽ ۽ مديني جي رياست جي سوچ جي عڪاس آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي ??سٽورز ڪارپور??شن جي چيئرمين ذوالقرنين علي خان ۽ يوٽيلٽي ??سٽورز ڪارپور??شن جي ايم ڊي سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.