اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اج??اس ڀارتي جارحيت ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ معصوم شهرين جي قتل جي مذمت بابت قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. جمعي ڏينهن وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اج??اس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانون موجب خودمختياري واري حق جي لاءِ ڪشميري عوام طرفان شروع ڪيل انهن جي پنهنجي جدوجهد جي جائز حيثيت کي تسليم ڪري ٿو ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان طاقت جي ظالماڻي استعمال جي شديد مذم?? ڪري ٿو جنهن جي نت??جي ۾ 110 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 12 هزار کان وڌيڪ شديد زخمي ٿيا جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ آهي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اج??اس مظاهرين جي مٿان ڇرن وارين بندوقن جي استعمال ۽ کي?? نشانو بڻائڻ جي به شديد مذم?? ڪري ٿو جنهن جي نت??جي ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهن جي اکين تي زخم آيا آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ 150 ماڻهو مڪمل طور تي نابين ٿي چڪا آهن، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اج??اس ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر عوام جي ڀارت جي رياستي دهشتگردي جي خلاف مسلسل بي مثال جدوجهد تي سندن حوصلي ۽ عزم کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ حريت قيادت انساني حقن جي ڪارڪنن، صحافين ۽ ٻين سياسي شخصيتن جي گرفتاري ۽ کي?? حراست ۾ رکڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ٿو ته هو کي?? فوري طور تي آزاد ڪري.