اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز (نمز) ماحولياتي زوال جو سبب بڻجندڙ ڪنهن به شيءَ کي استعمال نه ڪرڻ جو عزم ڪندي ”زيرو ويسٽ ڪيمپس“ بڻجڻ جو اهم قد?? کنيو آهي، ان سلسلي ۾ ويسٽ مينيجمينٽ بابت ”فائيو آر“ جي حڪمت عملي ا??تي??ر ڪئي وئي آهي، اهو قد?? ماحوليات جي عالمي ڏهاري سان هم آهنگ آهي جيڪو اڄ سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا ۾ ڪيتريون ئي مشهور يونيورسٽيون پهرين ئي ”زيرو ويسٽ ڪيمپس“ بڻجي چڪيون آهن، ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي جي ڏس ۾ فائيو آر حڪمت عملي ”گهٽتائي، ٻيهر استعمال، ري سائيڪل، ڳرڻ، سڙڻ ۽ شعور بيداري“ جي باري ۾ آهي. فيڪلٽي آف سوشل سائنسز اينڊ هيومينيٽز جي ڊين پروفيسر اعظم چوڌري هتي جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان ”فائيو آر“ جي حوالي سان 2009ع ۾ ”ٿري آر“ (ريڊيوس، ري يوز اينڊ ري سائيڪل) ڪميونٽي پهرين ئي ميمبر بڻجي چڪو آهي، جڏهن خطي ۾ وسيع تر تعاون جي لاء?? جاپان جي تجويز تي ايشيا ۾ ريجنل ٿري آر فورم جو قيام عمل ۾ آندو ويو هو تنهن هوندي به اسان کي اداره جاتي ۽ انفرادي ٻنهي سطح تي ماحولياتي زاوال جو سبب بڻجندڙ عملن جي روڪٿام لاءِ قد?? کڻندي معاشري جي حيثيت سان گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.