اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپي??ر اسد قيصر چيو آهي ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، مڊل مين جي ڪردار جو تدارڪ ۽ آبادگارن کي سستي اگهه تي ڀاڻ ۽ ٻج جي فراهمي سان آبادگار خوشحال ٿيندو ۽ زرعي پيداوار وڌندي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان ب??زدار جو چوڻ هو ته ايندڙ بجيٽ عوام ۽ آبادگار دوست هوندي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان ب??زدار قومي اسيمبلي جي اسپي??ر اسد قيصر سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب ۾ جاري ميگاپروجيڪٽس ۽ ايندڙ بجيٽ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپي??ر اسد قيصر چيو ته ملڪي معيشت ۾ زراعت ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، پارليامينٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصوصي زراعت ڪميٽي قائم ڪئي وئي.