اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ جمعي ڏينهن رشڪئي ترجيحي خصو??ي اڪنامڪ زون جي ڪمرشل لانچ جي تقريب ۾ خاص مهمان هوندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس ??اران جاري بيان موجب چائنه جي انٽرپرائيز ”سينچري اسٽيل پرائيويٽ لميٽيڊ“ جي 366 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري سان تعميرات جو اڄ آغاز ٿي رهيو ??هي. رشڪئي ترجيحي خصو??ي اڪنامڪ زون چائنه پاڪستان اقتصادي لنگهه ڪلسٽر جو هڪ حصو آهي جيڪو صوبي ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، پاڪستان ۽ چائنه سي پيڪ منصوبن جي وقت سر پڄاڻي ۽ چائنه پاڪستان اقتصادي لنگهه کي بي آر آءِ جي هڪ عالمي معيار جو مظهر ٺاهڻ لا??ِ پرعزم آهيون، رشڪئي ترجيح خصو??ي اڪنامڪ زون چائنه پاڪستان اقتصادي لنگهه فريم ورڪ تحت خيبرپختونخوا حڪومت ۽ خيبرپختونخوا زون ڊولپمينٽ اينڊ مينيجمينٽ ڪمپني (ڪي پي اي زيڊ ڊي ايم سي) جو فلينگ شپ منصوبو ??هي.