اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، ??ينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قانونسازي ۽ اي??دڙ بجيٽ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاد وسيم وزيراعظم کي حڪومتي پاليسين جي ڪري ڪورونا وبا جي باوجود ملڪي اقتصادي ترقي لاءِ اشارن ۾ مثبت تبديلي تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران خان سان ڪراچي سان تعلق رک??دڙ قومي اسيمبلي ميمبرن به ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن ۾ عطاءُ الله خان، فهيم خان، آفتاب جهانگير، ??سلم خ??ن ۽ ڪيپٽن (ر) جميل خان شامل هئا، ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ وفاقي حڪومت جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، ??امر محمود ڪياني ۽ سيف الله نيازي به ملاقات ڪئي.