اسلام آباد – 21 8211; مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر عوام کي اپي?? ڪئي آهي ته اها ڪورونا وائرس جي وبا کان بچ??ءُ جي لاءِ سمورن قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪري ڇو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي موجوده ٽئين لهر گذريل لهر جي ڀيٽ ۾ وڌ??ڪ حياتي کسيندڙ آهي. هن چيو ته ڪورونا کان متاثر ماڻهن ۾ بيماري جون علامتون ظاهر ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳن ٿا. ڪورونا وائرس جي ويڪسينيشن جي موثر ??جڻ بابت افواهن کي رد ڪندي اسد عمر چيو ته ماڻهن کي ڪورونا وائرس کان بچ??ءُ جي ويڪسين لڳرائڻ گهرجي ڇو ته برطانوي طرز جي وائرس جي لهر اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آساني ۽ تيزي سان پکڙجي رهي آهي.