اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر ۽ وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر سرمد علي ۽ سوسائٽي جي ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ??يش ڪئي آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار مبارڪباد ??ارن پيغامن ۾ هن?? نئين چونڊيل صدر سرمد علي، سينئر نائب صدر جميل اطهر، نائب صدر شهاب زبيري، سيڪريٽري جنرل نظافرين سهگل لاکاڻي، جوائنٽ سيڪريٽري محسن بلال، فنانس سيڪريٽري اويس خوشنود ?? ٻين چونڊيل عهديدارن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. هن?? چيو ته ان??ن جي چونڊ ان??ن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي. اسپيڪر ۽ وقتي اسپيڪر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آهي. هن?? ان اميد جو اظهار ڪيو ته اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل قيادت ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ هڪ فلاحي ۽ راودار معاشري جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.