اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سستي ۽ جلد انصاف جي فراهمي لا??ِ وفاقي محتسب جي دائري ڪار کي سگهه ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايتن جي موثر ا??الي لا??ِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي محتسب سيد طاهر شهباز سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي وفاقي محتسب صدر کي سالياني رپورٽ 2020ع پيش ڪئي. رپورٽ ۾ ٻڌاي?? ويو آهي ته صدر جي هدايتن تي شروع ڪيل آگاهي مهم جي ڪري وفاقي محتسب کي رڪارڊ آن لا??ين شڪايتون مليون آهن. وفاقي محتسب کي 130112 شڪايتون مليون. وفاقي محتسب 2020ع ۾ 133521 شڪايتون اڪلايون. 70311 شڪايتن تي رليف ڏن?? ويو جيڪي اڪلايل شڪايتن جو 50 سيڪڙو آهي. 2019ع جي ڀيٽ ۾ 7 ڀيرا وڌيڪ آن لا??ين شڪايتون مليون آهن.