اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام سان عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جيڪو واعدو ڪيو اهو اڃا تائين وفا ناهي ٿيو، والاريل ڪشمير جا ماڻهو ڪارن قانونن، مواصلاتي مشڪلاتن ۽ بنيادي حق ختم ٿيڻ جي ??اوجود پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن، هندستان جي ??لم ۽ ڏاڍ جي ??اوجود ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا، اسان کي ڪشمير مسئلي تي سياسي مصلحتن کان مٿ??نهون ٿي هڪ زبان ٿي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر جي قيادت پنهنجي ??ياسي مقصدن جي لاءِ ڪشمير مسئلي تي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، جيستائين گڏيل قومن جي قراردادن موجب اهو مسئلو حل نٿو ٿئي، پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل رهندو. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اختلافن جي ??اوجود ڪشمير مسئلي تي اس??ن جي يڪسوئي آهي، اس??ن جو موقف هڪ آهي، اس??ن جي منزل هڪ آهي، ??ن جو عملي ثبوت اهي گڏيل قراردادون آهن جيڪي اس??ن جي پارليامينٽ منظور ڪيون آهن.