اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان شام جي خلاف اسرائيلي جارحيت ۽ شامي سرزمين تي ان جي غيرقانوني قبضي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي اهو حملو عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته اسرائيل جا اشتعال انگيز قدم اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ اهڪ خطرناڪ اڳڀرائي آهي. بيان موجب اسرائيل عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزين ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جاري رکي آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪري ٿو ۽ اسرائيل پاران طاقت جي ذريعي علائقي کي حاصل ڪرڻ کي رد ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 497 جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا جيڪو گولان جي جبلن تي اسرائيل جي جبري قبضي کي غيرقانوني ۽ عالمي قانون کان مٿانهون قرار ڏي ٿو. بيان ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سميت عالمي برادري تي زور ڏنو ويو آهي ته اها اسرائيلي ڇوٽ، ان جي عالمي قانونن جي بار بار خلاف ورزين ۽ خطي جي ملڪن جي خلاف جارحيت جي خاتمي جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي. پاڪستان ان ڳالهه جو به ورجاءُ ڪيو ته والاريل فلسطين ۽ شام جي گولان سميت ٻين والاريل علائقن مان اسرائيل جي مڪمل انخلا کانسواءِ وچ اوڀر ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي.