GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پائيدار امن ۽ سلامتي کانسواءِ پائيدار اقتصادي ترقي جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي: جليل عباس جيلاني

image

بشڪيڪ – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پائيدار امن ۽ سلامتي کانسواءِ پائيدار اقتصادي ترقي جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي، افغانستان ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ خطي جي امن ۽ استحڪام جي تحفظ جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ”شنگهائي اسپرٽ“ جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو مقصد گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام آهي، شنگهائي اسپرٽ جاگرافيائي، سياسي ۽ جيو اڪنامڪ ميدانن ۾ عظيم تبديلي جي ڏس ۾ اسان جي گڏيل ڪوششن کي سگهه ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) عالمي آبادي جي 40 سيڪڙو کان وڌيڪ جي گڏيل آواز ۽ امنگن جي نمائندگي ڪري ٿو، شنگهائي تعاون تنظيم جي قائدين جي طور تي اها اسان جي بنيادي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي عوام جي پائيدار امن، سلامتي ۽ اقصادي ترقي جي خواهشن کي پورو ڪريون. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڪائونسل جي پاڪستان جي سربراهي ۾ اهم ۽ عملي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ کي اولين ترجيح ڏني ويندي جن ۾ ڪنيڪٽيويٽي ۽ ٽرانسپورٽ رابطن کي وڌائن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، اعليٰ علائقائي صلاحيت رکندڙ اهم شعبن زراعت، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ شامل آهي، پاڪستان ان سان گڏوگڏ تعليم ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط ڪندو رهندو. هن چيو ته ايس سي او يوريشين ڪنيڪٽيويٽي جي ويزن کي اڳئين سطح تي وٺي وڃڻ جو اهم پليٽ فارم آهي، اقتصادي طور تي ٺوس خطي جي لاءِ اسان جي گڏيل ويزن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اسان جي گڏيل رابطي جي صلاحيتن ۾ سيڙپڪاري تمام ضروري آهي، پاڪستان ان ڏس م علائقائي خوشحالي جي لاءِ ٽرانسپورٽ ڪنيڪٽيويٽي تي هڪ ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. جليل عباس جيلاني چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه علائقائي رابطن جي لاءِ هڪ قوت آهي. هن رابطي جي کوٽ کي علائقائي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ قرار ڏيندي چيو ته سي پيڪ نه رڳو پاڪستان کي پنهنجي پاڙيسري چين سان ڳنڍي ٿو پر شنگهائي تعاون تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن کي اسان جي گڏيل مستقبل ۽ مڪمل علائقائي اقتصاسدي انضمام ۾ سيڙپڪاري جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ايس سي او بزنس ڪائونسل ۽ ايس سي او انٽر بئنڪ ايسوسيئيشن ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏيڻ، واپارين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ عوام سان عوام جي رابطي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڪائونسل ۽ ايسوسيئيشن سمورن ايس سي او ميمبر ملڪن جي لاءِ گڏيل فائدي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي سهولت پڻ فراهم ڪري سگهي ٿو، پاڪستان انهن مقصدن کي اڳتي وڌائڻ ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي واپارين ۽ صنعتڪارن جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ايس سي او بزنس ڪانفرنس جي ميزباني جي تجويز پيش ڪئي آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڊيجيٽل ۽ انفارميشن جي انقلاب سان عالمي سطح تي سياسي ۽ اقتصادي تبديلي تيز ٿي آهي، ايندڙ نسلن کي انهن انقلابي رجحانن تي پورو لهڻ جي لاءِ گهربل تربيت ۽ مهارتن سان ليس ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ اسان جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ اولين اهميت رکندڙ آهي، اڄ جون اسان جون پاليسيون اسان جي خطي جي زبردست انساني صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي سگهن ٿيون، پاڪستان ڊيجيٽل معيشت جي ذريعي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ تي هڪ ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته اقتصادي ترقي جي مختلف مرحلن کان قطعي نظر سمورن ايس سي او ميمبر ملڪن کي اڃان به غربت ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجز درپيش آهن، اسان گڏيل ڪوششن ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان سکي انهن چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي يقين آهي ته غربت جي خاتمي لاءِ خصوصي ورڪنگ گروپ جي پاڪستان جي مستقل سربراهي ۾ اسان جي ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اسان جي گڏيل ڪوششن کي اهم تحريڪ فراهم ڪري سگهجي ٿي، اسان في الحال غربت جي خاتمي تي خصوصي ورڪنگ گروپ جي افتتاحي سيشن جي ميزباني جي منصوبابندي جي مرحلن ۾ آهيون، جنهن جو ڌيان ايس سي او جي ميمبر ملڪن ۾ سماجي تحفظ جي نيٽ ورڪ کي وڌائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز مان فائدو کڻڻ تي مرڪوز آهي. هن چيو ته پائيدار امن ۽ سلامتي کانسواءِ پائيدار اقتصادي ترقي جي ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي، افغانستان ۾ استحڪام کي يقيني بنائڻ اسان جي خطي جي امن ۽ استحڪام جي تحفظج ي لاءِ لازمي آهي، شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) افغان رابطا گروپ ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته رابطا گروپ کي بحال ڪرڻ سان ڳالهه ٻولهه کي فروغ ملي سگهي ٿو ۽ افغان عملدارن کي انهن جي اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ بامعنيٰ مدد ملي سگهي ٿي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ تباهي انسانيت جي بقاءَ کي خطري ۾ وجهي رهي آهي، جيڪا عالمي ردعمل جي لاءِ عالمي يڪجهتي جو مطالبو ڪري ٿي، پاڪستان هڪ پائيدار ۽ فطرتي مثبت دنيا جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ مقروض آهيون، ايس سي او سڀ کان اهم علائقائي تنظيم طور هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهڻ رخي عملي تعاون جو علمبردار بڻجڻ جي لاءِ موزون آهي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ان گڏيل فائديمند صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ هنگامي صورتحال تي روڪٿام ۽ ردعمل تي هڪ اجلاس جي ميزباني ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هن چيو ته گذريل 20 سالن ۾ اسان ايس سي او جي ترقياتي تعاون جي ميٽرڪس جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد رکيو آهي، ايندڙ چيئر جي طور تي پاڪستان جو مقصد تنظيم کي وڌيڪ ايڪشن تي ٻڌل بڻائڻ هوندو، ان هدف جي تعاقب ۾ اسان هڪ مضبوط نفاذ ۽ نگراني جو طريقيڪار جوڙڻ ۾ ايس سي او سيڪريٽريٽ ۽ ميمبر ملڪن جي تعاون ۽ حمايت جي اميد ڪريون ٿا، اهو طريقيڪار سماجي ۽ اقتصادي شعبن جي متنوع صفن ۾ اڳڀرائي جي لاءِ ڪم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم نه ته سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جو فورم آهي ۽ نه ئي ان کي اهو ٻطرفو يا ٽه ڌريي مسئلن کي حل ڪرڻ جو مينڊيٽ حاصل آهي، تڪراري معاملن کي ايس سي او ۾ آڻڻ ايس سي او جي اٽڪل چوٿائي صديءَ جي ڪاميابين کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. شنگهائي تعاون تنظيم کي ملڪي سياسي نظرين کان پاڪ رکڻ ۽ ان کي پنهنجي خطي جي گڏيل مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي مستقل ادارن جي سربراهن، سيڪريٽري جنرل زانگ منگ ۽ ڊائريڪٽر رسلان مرزائيف کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ان اهم فورم جي سربراهي کي اعزاز ۽ اعتماد جي ڳالهه سمجهي ٿو، اسان جي چيئر جي مدي دوران اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان مستقبل جي حوالي سان اهڙن قدمن کي شامل ڪريون جيڪي ايس سي او خطي جي ترقي کي فروغ ڏين. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي علائقائي صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪن جي فعال ۽ مثبت شرڪت جو منتظر آهي. نگران پرڏيهي وزير گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ ايس سي او خطي جي امن، خوشحالي، استحڪام ۽ رابطي جي هدفن ۽ هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ شنگهائي اسپرٽ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت ۽ عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم
متعلقہ مضامین
مزید خبریں